سنڌ جي مختلف حصن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ داخل ٿيندڙ اولهه هوائن جي سلسلي جي اثرن سبب جمعي تي ڪراچي ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جنهن سان ٿڌ جي لهر ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي ارلي وارننگ سينٽر جي جاري ڪيل اڳڪٿي موجب پهرين مارچ کان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
پهرين مارچ کان سنڌ جي مختلف ضلعن ڄامشوري، ٺٽي، ٿرپارڪر، بدين، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، حيدرآباد، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، نوشهري فيروز، شهيد بينظير آباد ۾ به کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
ارلي وارننگ سينٽر موجب اولهه هوائن جو بلوچستان تي برقرار سلسلو شدت اختيار ڪري ويندو، جنهن سبب 29 فيبروري کان 2 مارچ دوران قمبر – شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، شڪارپور، ڪشمور، گهوٽڪي ۽ سکر ۾ برسات جو امڪان آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب پهرين مارچ کان ڪراچي ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات دوران شهر ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي، جڏهن ته ان دوران معمول کان تيز هوائون گهلي سگهن ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ ٿڌ وڌي ويندي.
غير سرڪاري ويدر اسٽيشن پاڪ ويدر ڊاٽ ڪام جي جواد ميمڻ موجب ڄاڻايل اولهه سسٽم تحت ڪراچي ۾ برسات جا ڳرا اسپيل ٿي سگهن ٿا، جنهن دوران شهر ۾ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پئجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.