عورت آفيسر جي دليري، معاملو باهه جيان پکڙجي ويو

لاهور ۾ عورت اي ايس پي جي دليري سڀني جون دليون کٽي ورتيون آهن.

عورت اي ايس پي پنهنجي حياتي داءَ تي لڳائي هجوم جي وچ ۾ پهچي وئي ۽ ڦاٿل عورت کي بچائي ورتو، اهڙي وڊيو پڻ سڀني جو ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي.

لاهور جي علائقي اڇرا ۾ عربي ڪيليگرافي تي ٻڌل لباس پهريل عورت کي هجوم گهيري ورتو.

سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ عورت کي هڪ ريسٽورينٽ جهڙي دڪان ۾ بيٺل ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته سندس سامهون ڪيترائي ماڻهو گڏجي ويا، ڊولفن پوليس جا اهلڪار به موقعي تي موجود هئا.

عورت ڊپ وچان پنهنجو چهرو ڍڪي رهي هئي.

ڪجهه دير بعد لاهور پوليس جي اي ايس پي شهر بانو موقعي تي پهچي وئي جنهن ماڻهن سان ڳالهايو ۽ عورت کي حفاظت سان بچائي پاڻ سان وٺي وئي.

عورت پوليس آفيسر مڇريل هجوم سان ڳالهائيندي کين يقين ڏياري رهي هئي ته جيڪڏهن عورت ڪا توهين ڪئي هوندي ته هو سندس خلاف ڪارروائي ڪندي.

پنجاب جي چونڊيل وزيراعليٰ مريم نواز پوليس آفيسر جي واکاڻ ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته ٻين ناليوارين شخصيتن به عورت اي ايس پي جي دليري جي ساراهه ڪئي آهي.

ٻئي پاسي اي ايس پي گلبرگ واقعي بابت هڪ وڊيو بيان به جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن پاڻ واقعي بابت ٻڌايو آهي ۽ الزام هيٺ آيل عورت به وڊيو ۾ وضاحت ڏئي رهي آهي ته سندس لباس ۾ اهڙي ڪا شئي نه هئي پر کيس اهڙو لباس نه پهرڻ گهرجي ها تنهن هوندي به هوءَ معافي وٺي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.