پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي اڳتي اڃا وڌيڪ سيٽون کڻنداسين: فريال ٽالپر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر چيو آهي ته سنڌ لاءِ نيڪ نيتي سان اڳ جيان ڪم ڪندا رهنداسين.
سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي فريال ٽالپر چيو ته چونڊون ٿينديون رهنديون، اسان کي هن ڌرتي تي رهڻو آهي، اسان هن ڌرتي تي رهنداسين ۽ پنهنجي ماڻهن جا ڪم ڪنداسين، پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي اڳتي اڃا وڌيڪ سيٽون کڻنداسين.
هن چيو ته اسان سڀني کي گڏ کڻي هلڻ وارا آهيون، صوبي ۽ وطن لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، ماڻهن پ پ کي ووٽ ڏنو ۽ وڏو مينڊيٽ ڏنو آهي، عوام ڄاڻي ٿو ته پ پ جا نمائندا هر ڏکئي وقت ۾ انهن سان گڏ هوندا آهن، اڄ جيڪي ڌرڻن ۾ ويٺا آهن، اهي ڏکئي وقت ۾ گهرن ۾ ويٺا هوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.