دادو: وڻ وڍڻ تي جوابدارن کي 50-50 وڻ پوکڻ جي انوکي سزا

دادو (ويب ڊيسڪ) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ غير قانوني طور وڻن جي واڍي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 جوابدارن کي 50-50 وڻ پوکڻ جي انوکي سزا ٻڌائي ڇڏي.
دادو ۾ وڻن جي واڍي جي ڪيس ۾ جوابدارن تي ڪچي جي علائقي ۾ غير قانوني طور وڻ وڍڻ جو ڏوهه ثابت ٿي ويو، جنهن تي عدالت 3 جوابدارن کي 50-50 وڻ پوکڻ جي سزا ٻڌائي.
عدالت غير قانوني طور وڻن جي واڍي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائيندي چيو ته جوابدار 18 مهينن ۾ 50-50 مختلف قسمن جا وڻ مختلف هنڌن تي لڳائين.
سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ عرفان الله ڦل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، ٻيلي کاتي جي آفيسرن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.