آءِ بي اي ڪراچي پاران اڳواڻي جي سوچ ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ آءِ بي اي ليڊرز ڪنيڪٽ جي تقريب

ڪراچي: (پ ر) ڪراچي جي مقامي هوٽل موونپڪ هوٽل ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي پاران ليڊرز ڪنيڪٽ جي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اعليٰ معيار کي اڳتي وڌائيندي پيشيور نوجوانن کي روشن مستقبل لاءِ بااختيار بڻائڻ لاءِ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.

تقريب جي شروعات اسڪول آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جي ڊين ڊاڪٽر شڪيل کهڙو جي افتتاحي خطاب سان ٿي، جيڪو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آءِ بي اي ڪراچي ڊاڪٽر ايس اڪبر زيدي جي نمائندگي ڪري رهيو هو.

ڊائريڪٽر، ايلومنائي افيئرس، ريسورس موبلائيزيشن ۽ ڪارپوريٽ افيئرس، ملاهت اعواڻ، هڪ پريزنٽيشن ڏني جنهن ۾ آءِ بي اي جي اثرن ۽ ڀائيواري جي موقعن تي روشني وڌي وئي.

ان کان سواءِ، آءِ بي اي جي ايلومنا ۽ نيشنل ٽيلنٽ هنٽ پروگرام جي اسڪالر، مسڪين امجد، پنهنجي متاثر ڪندڙ سفر کي ٻڌندڙن سان بيان ڪيو.

تقريب جي خاص ڳالهه دائود هرڪيولس ڪارپوريشن ۽ اينگرو ڪارپوريشن جي چيئرمين حسين دائود ڪئي.

پنهنجي خطاب ۾، مسٽر دائود زندگيءَ جي منفرد چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مذهب مان حڪمت کي استعمال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، هن ماڻهن کي لچڪ ۽ ايمان سان رنڊڪن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن ذاتي ۽ پيشيوراڻين رنڊڪن کي اثرائتي طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ روحاني بصيرت جي اهميت تي زور ڏنو.

تقريب ۾ مسٽر دائود سان سوالن ۽ جوابن جو سيشن پڻ ٿيو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي بحث جو موقعو فراهم ڪيو ويو.

تقريب ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. ذڪر جوڳين شخصيتن ۾ غياث خان، سي اي او اينگرو ڪارپوريشن، جهانگير پراچا، سي اي او اينگرو پوليمر اينڊ ڪيميڪل، فرحان عيسيٰ، ايم ڊي عيسيٰ ليبارٽريز، سبين رباني، ميمبر بي او ڊي اورنج ٽري فائونڊيشن، زر بادشاهه، هيڊ آف فرنٽيئر ڪوريج اي ڪي ڊي سيڪيورٽيز لميٽڊ ۽ روحيل محمد، سي اي او لڪي پاور سميت ملڪ جي مشهور تنظيمن جا ٻيا نمائندا شامل هئا.

تقريب جي پڄاڻيءَ تي، آءِ بي اي انهن ڊونرز جي سهڪار کي مڃيو ۽ ان کي تسليم ڪيو جن هڪ ماحولياتي نظام ٺاهڻ عالمي ادارن جي ڀيٽ ۾ آءِ بي اي جي مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. مڃتا سيشن ۾ حبيب بئنڪ لميٽيڊ، اورنج ٽري فائونڊيشن، فيصل بئنڪ، جعفر فيملي فائونڊيشن ۽ او جي ڊي سي ايل پاران گهربل مدد شامل هئي، جيڪي آئي بي اي کي ڪيترن ئي قدمن ذريعي مدد ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن جيڪي ان جي بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ قوم جي تعمير جي ڪوششن کي هٿي ڏين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.