سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ويجهو زال مڙس ۾ جهيڙي تان ٻنهي واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو جنهن سبب ٻئي ٻڏي فوت ٿي ويا.
ٽنڊو مٺا خان جا رهواسي ڪار سوار ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته ٻنهي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.
سيد فدا حسين شاهه ۽ زال مهرالنساءِ وچ ۾ تڪرار سبب زال ڪار مان لهي وئي.
عورت مٺڙائو واهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو کيس بچائڻ لاءِ مڙس به ٽپو ڏنو.
واهه ۾ ٽپو ڏيندڙ ٻئي زال مڙس ٻڏي فوت ٿي ويا جن مان مرد جو لاش ڪجهه ڪلاڪن بعد هٿ ڪيو ويو.
ڪار ۾ جوڙي جون ڌيئريون پڻ سوار هيون.