سون جو ڪيڪ! اُروَشي پنهنجي سالگرهه تي ڪروڙين رپيا لٽائي ڇڏيا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل اُروَشي روٽيلا پنهنجي سالگرهه تي 24 قيراط سون مان تيار ڪيل اسپيشل ڪيڪ ڪٽيو جنهن جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
اداڪارا اروشي روٽيلا 25 فيبروري تي پنهنجي 30 هين سالگرهه ملهائي.
اداڪارا پنهنجي سالگرهه موسيقيءَ جي دنيا جي وڏي نالي يو يو هني سنگهه سان گڏ پنهنجي ايندڙ گيت ” لوو ڊوز 2“ جي سيٽ تي شاندار انداز ۾ سون مان تيار ڪيل ڪيڪ ڪٽي ملهائي.


اروشي پنهنجي انسٽاگرام تي سالگرهه جي تقريب جون تصويرون پوسٽ ڪيون جنهن ۾ اداڪارا ۽ هني سنگهي سان گڏ نظر اچي رهي آهي.
وڊيوز ۾ اداڪارا 24 قيراط نجي سون مان تيار ڪيل ڪيڪ ڪٽيندي نظر اچي رهي آهي جنهن جي قيمت ٽي ڪروڙ ڀارتي رُپيا ٻڌائي پئي وڃي.


اورشي روٽيلا تصويرن جي ڪيپشن ۾ لکيو ته هي لوو ڊوز ٽو جي سيٽ تي سندس سالگرهه جو جشن آهي ۽ هوءَ هني سنگهه جي ٿورائتي آهي سندس اڻٿڪ ڪوششن ۽ فڪر سندس ڪيريئر کي وڌيڪ روشن ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته سالگرهه ڏهاڙي هني سنگهه جي موجودگي سندس لاءِ اهميت رکي ٿي.
اروشي روٽيلا جي سالگرهه جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ماڻهو مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن.
هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار لکيو ته 24 قيراط نجي سون جو ڪيڪ ڪٽيندڙ ڀارت جي پهرين عورت جڏهن ته هڪٻئي واهپيدار مٿس ٺٺول ڪندي لکيو ته ” اوهان جي ڀيٽ ۾ سون ئي سون آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.