هڪ تصوير جي ڪري عورت ڪروڙين رپين کان محروم

آئرلينڊ سان واسطو رکندڙ هڪ عورت کي ان وقت ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ان جي هڪ تصوير عدالت سامهون اچي وئي.
36 ورهين جي Kamila Grabska جو 2017 ۾ ٽريفڪ حادثو ٿيو هو، جنهن جي ڪجهه عرصي کانپوءِ هن آئرلينڊ جي هڪ انشورنس ڪمپني خلاف 8 لک 23 هزار ڊالر (لڳ ڀڳ 23 ڪروڙ پاڪستاني رپين) جي ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرائي.
هن دعويٰ ڪئي ته حادثي سان سندس چيلهه ۽ گڙدن کي نقصان پهتو هو ۽ هوءَ 5 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ڪا ملازمت ڪرڻ جي قابل نه رهي هئي.
عورت اهو به چيو هو ته حادثي سبب هوءَ روز جا ڪم ڪار ڪرڻ کان لاچار ٿي وئي ۽ وزن به نه کڻي سگهندي هئي.
پر آئرش عدالت سامهون عورت جي جنوري 2018 جي هڪ تصوير پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ هوءَ ڪرسمس ٽري اڇلائيندي کلي رهي هئي.
5 فوٽن جي ان وڻ کي هن هڪ وڻ اڇلائڻ جي مقابلي ۾ ڦٽو ڪيو هو.
تصوير سامهون اچڻ کانپوءِ عورت عدالت ۾ اعتراف ڪيو ته هن اهو مقابلو کٽي ورتو هو، توڙي جو مقابلي کان ڪجهه ڏينهن اڳ هن ڊاڪٽرن کي چيو هو ته کيس ڪنڌ، چيلهه ۽ ڪرنگهي جي هڏي ۾ مسلسل تڪليف ٿيندي آهي.
عدالت سامهون هڪ فوٽيج به ڏيکاري وئي، جنهن ۾ عورت کي هڪ باغ ۾ گهڻي دير تان کيڏندي ڏٺو ويو.
اها فوٽيج نومبر 2023 جي هئي، جنهن کانپوءِ عدالت 8 لک 23 هزار ڏنڊ جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.