تقريب دوران وڏي آواز ۾ ميوزڪ هلڻ سبب همراهه فوت!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ تقريب دوران وڏي آواز ۾ ميوزڪ هلڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اڙيسا رياست جي شهر رورڪيلا ۾ هڪ مذهبي تقريب دوران تيز ميوزڪ سبب 50 ورهين جي شخص کي دل جو دورو پيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته تقريب ۾ ميوزڪ لاءِ هڪ ڊي جي کي گهرايو ويو هو، تيز آواز ۾ ميوزڪ ٻڌي پريمانٿ نالي شخص دل جو دورو پوڻ سبب پٽ تي ڪِري پيو.
رپورٽ موجب پريمانٿ کي فوري طور اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، جڏهن ته پوليس ڊي جي کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.