”صدر عارف علوي جي آئين شڪني تاريخ جو حصو رهندي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته صدر طرفان نئين چونڊيل اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ دير پنهنجي اختيار جو ناجائز استعمال آهي.
پنهنجي بيان ۾ شازيا مري چيو صدر تي لازمي آهي ته هو وزيراعظم جي سمري تي بنا دير قومي اسيمبلي اجلاس گهرائي ته جيئن قومي اسيمبلي متحرڪ ٿئي، صدر هڪ شخص جي وفاداري بدران آئين جي پاسداري ڪئي، ياد رهي ته هي اهو ئي صدر آهي، جنهن ماضي ۾ قومي اسيمبلي کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪيو هو.
هن چيو ته صدر ماضي جيان آئين سان کيڏڻ کان پاسو ڪري، صدر عارف علوي جي آئين شڪني ۽ عهدي جو غلط استعمال تاريخ جو حصو رهندو، قومي اسيمبلي جي چونڊ مڪمل ٿي چڪي، صدر قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.