سرفراز احمد بال لڳڻ سبب زخمي، اسپتال منتقل

ملتان (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد مٿي ۾ بال لڳڻ سبب زخمي ٿي ميدان کان ٻاهر هليو ويو.
ذريعن موجب اڳوڻي ڪپتان کي سي ٽي اسڪين لاءِ اسپتال نيو ويو ۽ ڊاڪٽر سندس معائنو ڪري رهيا آهن، رپورٽن جي روشني ۾ فيصلو ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ملتان سلطانز خلاف ميچ ۾ وسيم جونيئر ڪيچ پڪڙي بال ٿرو ڪيو، جيڪو سرفراز احمد کي مٿي ۾ لڳو.
سرفراز جي جاءِ تي سجاد علي ڪيپنگ ڪئي، جڏهن ته سرفراز بيٽنگ ڪرڻ به نه آيو ۽ ان جي متبادل سجاد علي بيٽنگ ڪندي ٻه رنسون ٺاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.