هينڊرڪس جو ڪٽڪو، محمد علي جي شاندار بالنگ، ملتان هٿان ڪوئيٽا کي شڪست

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي 11هين ميچ ۾ ملتان سلطانز، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 13 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ملتان ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ملتان سلطانز مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون.
ريزا هينڊرڪس 72 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڪپتان محمد رضوان 51 ۽ طيب طاهر 35 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
ڪوئيٽا جي محمد عامر 2، عقيل حسين ۽ ابرار احمد هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڪوئيٽا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاهي سگهي.
نافع خواجا 36، ڪپتان رائلي روسو 30، سعود شڪيل 24، ردرفورڊ 21 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.
ملتان طرفان محمد علي ۽ ڊيوڊ ولي 3-3، آفتاب ابراهيم 2، جڏهن ته اساما مير هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.