يوٽيليٽي اسٽورن تي عوام لاءِ وڏو رليف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن رمضان کان اڳ عوام لاءِ رليف جو اعلان ڪري ڇڏيو.
يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن مختلف شين جا اگهه گهٽائي ڇڏيا آهن.
مختلف برانڊن جو گيهه، ڪوڪنگ آئل، چانهه جي پتي، صابڻ، واشنگ پائوڊر سميت ٻيون شيون سستيون ڪيون ويون آهن.
يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن طرفان ايندڙ مهيني کان رمضان رليف پيڪيج جي به شروعات ڪئي پئي وڃي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته رمضان رليف پيڪيج سان بي آءِ ايس پي واهپيدارن کي فائدو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.