نواز الدين صديقي پاڪستاني فنڪارن جو ديوانو نڪتو

بالي ووڊ جو ورسٽائل اداڪار نواز الدين صديقي پاڪستاني فنڪارن جو مداح نڪتو.
پرڏيهي خابرو اداري سان گفتگو ڪندي نواز الدين صديقي پاڪستاني ڊرامي نگارن کي لاجواب، جڏهن ته اداڪارن کي شاندار قرار ڏنو.
هن اعتراف ڪيو ته پاڪستاني ڊرامن جون ڪهاڻيون تمام سٺيون هونديون آهن ۽ اداڪار به تمام سٺا آهن.
سندس چوڻ هو ته مان پاڪستاني صحافي چاند نواب جي مشهور ڪردار لاءِ 100 ڀيرا پريڪٽس ڪئي ۽ ون ٽيڪ ۾ شاٽ اوڪي ڪرايو.
نواز الدين صديقي وڌيڪ چيو ته چاند نواب جهڙيون غلطيون ورجائيندا رهو ته جيئن اسان کي به مزو ايندو رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.