ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اولهه هوائن جي سلسلي سبب ڪراچي ۾ ايندڙ ٻه ڏينهن تيز هوائون گهلڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اولهه هوائن جو سلسلو اڄ بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب قمبر-شهدادڪوٽ، سکر، جيڪب آباد، شڪارپور ۾ وچئين درجي جي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ان ئي سلسلي سبب ڪراچي ۾ سومر ۽ اڱاري تي تيز هوائون گهلي سگهن ٿيون، جڏهن ته شهر ۾ سومر ڏينهن موسم جهڙالي رهندي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 17 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وڌ کان وڌ پارو 30 ڊگري تائين رهي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ اتر اولهه کان هوائون گهلنديون رهنديون.
You might also like