لاهور قلندرز کي وڏو ڌڪ، حارث رئوف پي ايس ايل کان ٻاهر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز جو اهم فاسٽ بالر حارث رئوف ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويو.
لاهور قلندرز تصديق ڪندي چيو آهي ته حارث رئوف باقي ميچون نه کيڏي سگهندو، هو 24 جنوري تي قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز خلاف ميچ دوران فيلڊنگ ڪندي زخمي ٿيو هو.
لاهور قلندرز جي ترجمان موجب حارث رئوف جو ڪلهو ڊس لوڪيٽ ٿي ويو آهي، کيس مڪمل طور فٽ ٿيڻ ۾ 4 کان 6 هفتا لڳندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.