ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ ايڪسپورٽرز لاءِ قانونن ۾ نرمي ڪندي کين ٻاهرئين ملڪ موجود رقم اڳواٽ اجازت بنا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
اسٽيٽ بئنڪ ايڪسپورٽ ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ايڪسپوٽرز کي اسپيشل فارن ڪرنسي اڪائونٽن ۾ رکيل رقم اسٽيٽ بئنڪ کان اڳواٽ اجازت جي وصولي بنا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان سڀني مجاز ڊيلرز جي صدرن ۽ چيف ايگزيڪيوٽوز کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته ايڪسپورٽ جي بهتري ۽ ڪاروبار کي آسان بڻائڻ لاءِ ايڪسپورٽرز کي ٻاهرئين ملڪ اسپيشل فارنس ڪرنسي اڪائونٽن ۾ موجود رقم استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي، هاڻ ان حوالي سان ڪنهن اجازت نامي جي ضرورت نه هوندي.
Prev Post
You might also like