پ پ جو اويس قادر سنڌ اسيمبلي اسپيڪر ۽ انٿوني نويد ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جو اويس شاهه سنڌ اسيمبلي اسپيڪر ۽ انٿوني نويد ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا.
اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳجهي راءِ شماري ذريعي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي وئي.
147 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا، پي ٽي آءِ جي 9 آزاد ميمبرن ۽ جماعت اسلامي جي هڪ ميمبر ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو.
پ پ جو سيد اويس شاهه اسپيڪر چونڊجي ويو، کيس 111 ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوار صوفيا سعيد کي 36 ووٽ مليا.
انٿوني نويد سنڌ اسيمبلي جو پهريون عيسائي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو، هن 111 ووٽ کنيا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اميدوار راشد خان کي 36 ووٽ مليا.
ڪراچي سان واسطو رکندڙ نويد انٿوني ٻيو ڀيرو سنڌ اسيمبلي ميمبر چونڊيو آهي، هو سنڌ اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين به رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.