سنڌ ۾ سڀاڻي اسڪول بند رهندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ 26 فيبروري تي اسڪولن جي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سڄي ملڪ ۾ اڄ شب برات ملهائي پئي وڃي، مسجدن ۾ خاص محفلن جو اهتمام ڪيو ويو آهي، سڄي رات عبادت ۽ نفل ادا ڪيا ويندا، مسجدن ۾ عالم سڳورا شب برات جي فضيلت بيان ڪندا.
شب برات کي ڏسندي سنڌ ۾ سومر 26 فيبروري تي اسڪولن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سومر تي سڄي صوبي ۾ سرڪاري ۽ نجي اسڪول بند رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.