”29 فيبروري تي شهباز شريف وزيراعظم بڻجندو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته 29 تاريخ تي شهباز شريف وزيراعظم بڻجندو، قومي اسيمبلي ۾ اسان جا نمبر ٻه سئو تائين پهچي ويندا.
تقريب کي خطاب ڪندي اياز صادق چيو ته پ پ، ايم ڪيو ايم، ق ليگ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي به اسان سان گڏ هوندي، سڀني جي خواهش هوندي ته ملڪ جي مفاد ۾ هڪ ٿيون.
هن چيو ته هڪ پاسي محنت، خدمت ۽ ٻئي پاسي الزامن جي سياست آهي پر اسان خدمت جي سياست ڪنداسين ذاتيات جي نه.
سندس چوڻ هو ته حڪومت جو ڪم خدمت ڪرڻ ۽ اپوزيشن جو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته دلين ۾ نرمي پيدا ڪيون، الزامن بدران پاڪستان خاطر سڀني کي جوڙيو، پاڪستان مضبوط ٿيندو ته سڀ مضبوط ٿينداسين.
اياز صادق چيو ته ن ليگ سياسي قيدي واري سوچ نٿي رکي، اسان ڪنهن کان پلاند نٿا وٺڻ چاهيون، اسان کي 2018 کان 2022 واري سياست ناهي ڪرڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.