ايف اي ٽي ايف گڏيل عرب امارات کي گري لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو

پيرس(ويب ڊيسڪ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) گڏيل عرب امارات کي گري لسٽ مان ڪڍيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا اداري موجب گڏيل عرب امارات کي غير واضح ناڻي جي ڏي وٺ ۽ ملڪ ۾ روسي پيسن جي آمد جي خدشن سبب 2022 ۾ گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو.

گڏيل عرب امارات کانسواءِ بارباڊوس، جبرااڪٽر ۽ يوگنڊا کي گري لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته ڪينيا ۽ نمبيا کي گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب گري لسٽ ۾ انهن ملڪن کي شامل ڪيو ويو آهي جيڪي مني لانڊرنگ ۽ دهشت گردي جي مالي مدد کان نڪرڻ لاءِ ڪو اسٽريٽجڪ ڪوششن ۾ ڪمزور آهن.

ايف اي ٽي ايف جي سربراهه چيو آهي ته ڪينيا ۽ نميبيا کي اينٽي مني لانڊرنگ سسٽم کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ايڪشن پلان تيار آهي. گڏيل طور تي 21 ملڪ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.