پي ٽي آءِ شهباز جو رستو نه روڪيو، پر اعلان ڪيو ته پ پ سان ڳالهيون نه ٿينديون: بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل وٽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل نمبر نه آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف شهباز شريف جو رستو روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي پر اعلان ڪري ڇڏيو ته هو پ پ وٽ نه ايندا.
بلاول ڀٽو نيو ڪراچي ۾ مارجي ويل معصوم ڪارڪن عبدالرحمان جي وارثن سان تعزيت ڪئي جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ٻن ڪارڪنن کي چونڊن کان اڳ شهيد ڪيو ويو، ڪارڪنن جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ آيو آهيان.
هن چيو ته جيڪو به حملن ۾ ملوث آهي انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين، ڪارڪنن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪنداسين، سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي، اسان دهشتگردي برادشت نه ڪنداسين.
پ پ چيئرمين عمران خان پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ واري معاملي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان خط سان ڪو به فرق نه پوندو پر ان جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ باني پاڪستاني عوام آڏو وائکو ٿي ويندو.
بلاول ڀٽو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته 2018ع وارين ۽ هاڻوڪي چونڊن ۾ ڪو گهڻو فرق نه آهي، اسان جا اعتراض ۽ شڪايتون آهن جنهن جي پيروي ڪنداسين.
پ پ چيئرمين چونڊن نتيجن خلاف اڄڪلهه اهڙيون پارٽيون احتجاج ڪري رهيون آهن جيڪي پاڻ ڌانڌلي کانسواءِ نٿيون کٽي سگهن ۽ هاڻ هو پ پ تي تنقيد ڪري رهيون آهن.
بلاول ڀٽو چيو ته ڪجهه پارٽيون انڪري احتجاج ڪري رهيون آهن ته وڌيڪ ڌانڌلي ٿئي ۽ کين به هڪ اڌ سيٽ ملي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.