پي ايس ايل: روسو جو آئوٽ نه ڏيڻ انساني غلطي قرار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) هاڪ آءِ تصديق ڪئي آهي ته ڪوئيٽا گليڊيئٽرز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ واري ميچ ۾ سلمان علي آغا خلاف رائلي روسو کي ناٽ آئوٽ قرار ڏيڻ انساني غلطي هئي.
گذريل ڏينهن اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪپتان شاداب خان ڪوئيٽا گليڊيئٽرز خلاف ميچ ته نه کٽي سگهيو پر شاداب خان طرفان ڊي آر ايس سسٽم تي اعتراض وارڻ کانپوءِ بال ٽريڪنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ هاڪ آءِ ٽيڪنالوجي ٽيم پنهنجي غلطي تسليم ڪري ورتي آهي.
گذريل رات ڪوئيٽا گليڊيئٽرز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ کيڏيل ميچ ڊي آر ايس سسٽم جي تڪراري فيصلي سبب خبرن ۾ رهي.
اسلام آباد جي هدف جواب ۾ ڪوئيٽا جي اننگز دوران ڪپتان رائيلي روسو يارنهين اوور جي آخري بال تي آغا سلمان خلاف سوئيپ شاٽ کيڏي، پر بال مِس ٿي روسو جي پيڊ تي وڃي لڳو ۽ اسلام آباد طرفان اپيل ڪرڻ تي امپائر کيس ايل بي ڊبليو آئوٽ قرار ڏنو.
امپائر جي فيصلي روسو طرفان چئلينج ڪيو ويو، ڊي آر ايس ٽيڪنالوجي تحت بال اسٽمپ کي مِس ڪري رهيو هو جنهنڪري ٿرڊ امپائر روسو ناٽ آئوٽ قرار ڏنو ، ان کانپوءِ روسو 34 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ ڪوئيٽا کي ميچ ۾ ڪاميابي ڏياري.
شاداب خان جي اعتراض کانپوءِ معاملو وڌي وڻ ٿي ويو جنهن کانپوءِ هاڪ آءِ ئي هڪ معذرتي خط پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي لکي پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو.
ان ڏس ۾ پي سي بي تصديق ڪندي هڪ پڌرائي جاري ڪئي جنهن موجب، هاڪ آءِ تصديق ڪئي آهي ته ڪوئيٽا گليڊيئٽرز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ واري ميچ ۾ سلمان علي آغا خلاف رائلي روسو کي ناٽ آئوٽ قرار ڏيڻ انساني غلطي هئي.
پڌرائي موجب، هاڪ آءِ قبول ڪيو آهي ته سسٽم ڄاڻيل بال کي صحيح طريقي سان ٽريڪ ڪيو هو جنهن ۾ امپائر ڪال طور تي امپيڪٽ ۽ وڪيٽ کي هِٽ طور ڏٺو ويو هو، آپريٽر جي غلطي سبب اسڪرين تي غلط بال ٽريڪنگ ڊيٽا ڏيکاري وئي.
هاڪ آءِ افسوس جو اظهار ڪندي وضاحت ڪئي ته جيڪڏهن اميد موجب عمل ڪيو وڃي ها ته بال ٽريڪنگ جي صحيح ڊيٽا غلط ڊيٽا جي هلڻ جي ڪجهه سيڪنڊ کانپوءِ ئي دستياب هجي ها.
پي سي بي پڌرائي موجب، هاڪ آءِ بال ٽريڪنگ لاءِ انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي واحد منظور ٿيل ٽيڪنالوجي آهي جنهن کي پهريون ڀيرو 2008ع ۾ آزمايو ويو ۽ بعد ۾ ان کي ڊي آر ايس جو حصو بڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.