پاڪستان جو 15 ورهين کانپوءِ ايران گئس پائپ لائن منصوبي بابت وڏو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان 15 ورهين کانپوءِ ايران گئس پائپ لائن منصوبي جي حوالي سان اهم فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب ڪابينا جي توانائي ڪميٽي ايراني بارڊر کان گوادر تائين 81 ڪلو ميٽر پائپ لائن وڇائڻ جي منظوري ڏني آهي، ان جي تعمير تي 45 ارب رپيا لاڳت ايندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پائپ لائن وڇائڻ سان پاڪستان 18 ارب ڊالر ڏنڊ جي ادائيگي کان بچي ويندو ۽ ايل اين جي جي ڀيٽ ۾ ايران کان 750 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس انتهائي سستي ملندي.
ذريعن موجب ايران کان گئس خريدڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ساليانو 5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي بچت ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران 18 ڊالر ڏنڊ جو نوٽيس واپس وٺندو، پاڪستان آمريڪا کان آءِ پي منصوبي تي پابندين کان ڇوٽ به گهرندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.