اڳوڻي ڪيوي اوپنر اسلام آباد يونائيٽڊ کي جوائن ڪري ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪيوي اوپنر مارٽن گپٽل اسلام آباد يونائيٽڊ کي جوائن ڪري ورتو.
اسلام آباد يونائيٽڊ يو اي ايِ جي نوجوان بيٽر محمد وسيم جي جاءِ تي نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر مارٽن گپٽل کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
محمد وسيم کي يونائيٽڊ جي نمائندگي ڪرڻي هئي پر هن ٻين ليگز ۾ مصروفيت سبب پي ايس ايل تان هٿ کڻي ورتو .
آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ محمد وسيم کي اسلام آباد يونائيٽڊ پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن لاءِ پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪيو هو.
محمد وسيمر ايندڙ هفتي کان دبئي ۾ شروع ٿيندڙ يو اي اي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ليگ ٽو سبب کيس پي ايس ايل نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو.
واضح رهي ته مارٽن گپٽل ان کان اڳ ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.