نه ميسي نه ئي رونالڊو دنيا جو امير ترين فٽبالر ڪير ؟

فٽبال دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کيڏي ۽ ڏسي ويندڙ راند آهي ان سان گڏوگڏ رانديگر لاءِ لکين نه پر اربين ڊالر ڪمائڻ جو به ذريعو آهي.
پر اوهان کي اِهو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته فٽبال جي اميرترين رانديگرن جي فهرست ۾ ڪرسٽانو رونالڊو ۽ ليونيل ميسي پهريون نمبر حاصل نه ڪري سگهيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب، برونائي جي شهزادي ۽ فٽبالر لائق بولڪيه ويهه ارب ڊالرز جو مالڪ آهي ۽ امير ترين فٽبالرز جي فهرست ۾ سرفهرست آهي.
ان فهرست ۾ ارجنٽينا جي ليونل ميسي 6 سئو ملين ڊالرز جي مجموعي ماليت سان ٻئي نمبر تر آهي.
رپورٽ موجب، پرتگال جي ڪرسٽيانو رونالڊو جيڪو هن وقت سعودي فٽبال ڪلب النصر لاءِ کيڏي ٿو اهو مجموعي طور 5 سئو ملين ڊالرز جو مالڪ آهي.
برطانيا جي اڳوڻي فٽبالر ۽ ڪاروباري شخصيت ڊيوڊ بيڪهم 450 ملين ڊالرز جي ملڪيت سان چوٿون امير ترين رانديگر آهي.
اڳوڻو انگلش فٽبالر ڊيو وهيلن 2 سئو ڏهه ڊالرز جي مجموعي ماليت سان فٽبال جي دنيا جو پنجون امير ترين رانديگر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.