سنڌ ۽ پنجاب اسيمبلي جي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ اقليتن جي سيٽن تي پيپلز پارٽي جا ڇهه ۽ ايم ڪيو ايم جا ٻه ميمبر چونڊيا ويا آهن.
عورتن جي مخصوص سيٽن تي پ پ جي 20 عورتون چونڊيون ويون آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جون 6 ۽ جي ڊي اي جي هڪ رڪن چونڊي وئي آهي.
واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن جو انگ 29 آهي ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جو انگ 9 آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ اقليتن جي 9 مان 8 سيٽن جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيا آهن جڏهن ته عورتن جي مخصوص 29 مان 27 سيٽن جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيا آهن.
پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي مخصوص سيٽون ملڻ تائين صوبائي اسيمبلي جو اجلاس نه سڏايو وڃي.
اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي لاءِ به اقليتن جي سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، مسلم ليگ ن جا پنج اميدوار اقليتي سيٽ تي پنجاب اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊجي ويا آهن.
پنجاب اسيمبلي تان عورتن جي سيٽن تي ڪامياب عورتن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، پنجاب اسيمبلي جي 36 سيٽن تي ن ليگ جون عورتن کي ڪامياب ٿيون آهن، ٽن سيٽن تي پيپلز پارٽي، ٻن تي مسلم ليگ ق ۽ هڪ سيٽ تي استحڪام پاڪستان پارٽي جي اميدوار ڪامياب ٿي آهي.
ياد رهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ عورت جون 66 ۽ اقليتن لاءِ 8 سيٽون مخصوص آهن.
پنجاب اسيمبلي جي اقليتن جي 8 مان 5 ۽ عورتن جي 66 سيٽن مان 42 جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.