سونم انيل ڪپور جي جواني جو راز ٻڌائي ڇڏيو!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪپور خاندان مان بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سونم ڪپور پنهنجي پيءُ اداڪار انيل ڪپور جي 67 سالن جي ڄمار ۾ به جوان نظر اچڻ جو راز ٻڌائي ڇڏيو.

رپورٽس موجب سونم ڪپور چيو ته سندس پيءُ انيل ڪپور شروع کان ئي پنهنجي صحت جو خيال رکندو آهي، نه سگريٽ پيئندو آهي نه وري شراب جڏهن ته خوراڪ ۾ به محتاط رهندو آهي جنهن جي ڪري هو صحمنت ۽ جوان نظر ايندو آهي.

اداڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته سندس چاچو بوني ڪپور پنهنجي من مرضي موجب کائيندو پيئندو آهي جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن شراب به پيئندو آهي پر انيل ڪپور ان معاملي ۾ ڏاڍو  احتياط ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.