پاڪستان آءِ ايم ايف جا 26 مان 25 شرط پورا ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران حڪومت آءِ ايم ايف جي 26 مان 25 شرطن تي عملدرآمد مڪمل ڪرڻ جي رپورٽ آءِ ايم ايف ڏانهن اماڻي ڇڏي.
نگران حڪومت عالمي مالياتي اداري سان جاري اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ پروگرام مڪمل ڪرڻ لاءِ 26 مان 25 شرطن تي عملدرآمد مڪمل ڪري رپورٽ آءِ ايم ايف کي اماڻي ڇڏي.
آءِ ايم ايف جي رڳو هڪ شرط قومي اسيمبلي نه هئڻ سبب نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، پاڪستان پوسٽ، پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن لا ۾ ترميم تي عمل نه ٿي سگهيو، نئين حڪومت ٺهڻ کانپوءِ اها شرط به پوري ٿي ويندي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، اسٽيڊ باءِ ارينجمينٽ پروگرام تحت هڪ ارب ڏهه ڪروڙ ڊالر ماليت جي آخري قسط لاءِ ٻئي اقتصادي جائزي تي ڳالهيون نئين حڪومت سان متوقع آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي اقتصادي جائزي بابت آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل هدفن ۽ شرطن تي عملدرآمد بابت ناڻي واري وزارت رپورٽ تيار ڪري آءِ ايم کي اماڻي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، ٻئي اقتصادي جائزي بابت آءِ ايم ايف سان ڪُل 26 هدف طئي ڪيا ويا هئا، جن مان 25 هدف حاصل ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.