چيئرمين لياقت آباد ٽائون فراز حسيب جو پارڪس جو دورو، ترقياتي ڪمن جو جائزو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عوام کي صحت مند تفريح سان خوش گوار ماحول جي فراهمي اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار چيئرمين لياقت آباد ٽائون فراز حسيب يونين ڪاميٽي نمبر 4 ابن سينا ۾ نرسري پارڪ ۽ يونين ڪاميٽي نمبرر 5 ڊاڪ خانا ۾ رضوان پارڪ جي دوري جي موقعي تي ڪيو.

ان موقعي تي وائيس چيئرمين اسحاق تيموري، ڪو آردينيٽر صغير احمد، ڊائريڪٽر پارڪ ريحان همداڻي، ڊائريڪٽر اليڪٽريڪل محمد اصغر، ڊائريڪٽر انڪروچمينٽ ساجد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر پارڪ مهمد نقي، فيلڊ انچارج عبدالوهاب ۽ ٻيا مڪاني آفيسر موجود هئا.

لياقت اباد ٽائون چيئرمين فراز حسيب يو سي 4 ۾ واقع نريسري پارڪ کي ماڊل پارڪ بڻائڻ جي حوالي سان ڪيل اپائن جو جائزو وٺندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته لياقت آباد ٽائون کي سرسبز بڻائينداسين، ٽائون جي اجڙيل پارڪن جي بهالي اسان جو مشين آهي، آفيسرن کي هدايتون ڏيندي هن چيو ته لياقت اباد ٽائون جي پارڪس، گرين بيلٽس ۽ چورنگين تي جاري بيوٽيفيڪشن جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي جيئن عوام کي خوشگوار ۽ صحتمند ماحول جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي.

هن باغ کاتي ۽ حددخلين جي روڪٿام واري کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پارڪن ۾ قائم حددخلين جو فوري خاتمو ڪيو وڇي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڇي ته سندن فيملي پارڪس کي منشيات جي عادي ماڻهن جي آماجگاهه بڻجڻ نه ڏنو وڃي.

فراز حسب چيو ته لياقت آباد ٽائون جي پارڪس ۽ گرين بيلٽس کي خوشگوار بڻائڻ لاءِ ٽائون جي نرسريز ۾ تيار ڪيل ناياب نسل جا گل پوکيا پيا وڃن.

سندس هدايت تي پارڪس کاتي جو عملو ڀرپور انداز ۾ پارڪن جي بحالي ۽ سجاوٽ جي ڪم ۾ مصروف آهي.

ان سلسلي ۾ پارڪن ۾ رنگارنگي گل ٻوٽا، بينچون، ٻارن لاءِ پينگها لڳائڻ جو ڪم جاري آهي.

ٻئي پاسي اليڪٽرڪل کاتي جو عملو پارڪن ۾ لائيٽن جي درستگي سان نيون لائٽون لڳائڻ ۾ رڌل آهي.

چيئرمين فراز حسيب جي ڪوشش آهي ته لياقت آباد ٽائون جي انهن پارڪس کي جلد کان جلد بحال ڪري عوام حوالي ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.