اتنظاميا جو بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل منتقل ڪرن کان انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل انتظاميا پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بيبي کي جيل منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي جي اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جيل انتظاميا بشريٰ بي بي کي جيل منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل سپرٽنڊنٽ پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي مسئلن سبب بشريٰ بي بي کي جيل منتقل نٿا ڪري سگهون، جيل ۾ پهريان ئي جاءِ گهٽ آهي ۽ 250 عورت قيدي موجود آهن.
ان سلسلي ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد پنهنجو جواب جمع ناهي ڪرايو، جڏهن ته سرڪاري وڪيل جواب ڏيڻ لاءِ عدالت کان مهلت گهري ورتي.
عدالت سرڪاري وڪيل جي استدعا منظوري ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته توشاخانا ڪيس ۾ سزا يافته بشريٰ بي بي سب جيل قرار ڏنل بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.