ڀارت: هريانه ۾ هارين جو احتجاج، پوليس فائرنگ ۾ هڪ هاري مارجي ويو

هريانا( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي شهر هريانا ۾ هارين جي احتجاج دوران پوليس جي فائرنگ سبب 21 ورهين جو نوجوان مارجي ويو آهي.
ڪمشير ميڊيا سروس موجب، ڀارتي پنجاب جي کنوري سرحد وٽ سراپا احتجاج هارين تي پوليس گولين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي گولن جو استعمال ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان هاري شوڀڪرن سنگهه مارجي ويو ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ٻئي پاسي ڀارتي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته ڪالهه پوليس سان چڪرين دوران مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب 21 سالا نوجوان مارجي ويو جڏهن ته چڪرين دوران 12 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا جنهن کانپوءِ ” دهلي هلو مارچ “ ٻن ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، هارين هريانا سرحد وٽ ڌرڻو جاري رکڻ جوا علان ڪيو آهي جنهن سبب سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي هريانا جي ستن ضلعن ۾ موبائيل انٽرنيٽ سروس جي بندش ۾ سڀاڻي تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
هاري تنظيمن هاري جي موت جو ذميوار رياستي پوليس ۽ مرڪزي حڪومت کي قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.