بابر اعظم، گيل ۽ ڪوهلي جا رڪارڊ چٽ ڪري ڇڏيا

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم هڪ ٻيو عالمي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ ڪراچي ڪنگز خلاف کيڏندي بابر اعظم پنهنجي ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ تيز ترين ڏهه رنسون مڪمل ڪري ورتيون، بابر اعظم کي مختصر فارميٽ ۾ ڏهه هزار رنسون ٺاهڻ لاءِ 271 ڀيرا بيٽنگ ڪرڻي پئي.
ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين ڏهه هزار رنسون ٺاهڻ جو اعزاز اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان ڪرس گيل وٽ هو جنهن 285 اننگز ۾ اِهو ڪارنامو انجام ڏنو، جڏهن ته ان فهرست ۾ ٽيون نمبر تي ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي جو آهي جيڪو 299 اننگز ۾ ڏهه هزار رنسون اسڪور ڪري چڪو آهي .
پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ڪراچي ڪنگز خلاف 72 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جيڪا پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن ۾ سندس مسلسل ٻي ففٽي هئي.
بابر اعظم پنهنجي ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ 19 ٽيمن طرفان ٽي ٽونٽي ميچون کيڏي چڪو آهي، اڳوڻي ڪپتان قومي ٽيم جي نمائندگي ڪندي 3 هزار 6 سئو 98 ۽ ڪراچي ڪنگز لاءِ ٻه هزار ٽي سئو 98 رنسون ٺاهيون آهن.
بابر اعظم پاڪستان سپر ليگ ۾ ٽي هزار رنسون ٺاهيندڙ اڪيلو بيٽر آهي، هو مجموعي طور تي ڏهه هزار ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهيندڙ 13 هون ڪرڪيٽر آهي.
ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل سڀ کان وڌيڪ 14 هزار 5 سئو 62 رنسون ٺاهيون آهن جڏهن ته پاڪستان جو شعيب ملڪ 13 هزار 1 سئو 59 رنسون ٺاهي ٻئي نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.