پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي گورنر شپ لاءِ پ پ طرفان چار نالا سامهون اچي ويا.
ذريعن موجب، مرڪزي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي، شجاع خان گورنر شپ جي ڊوڙ ۾ شامل آهن، ياور نصير ۽ امجد آفريدي به گورنر شپ جا اميدوار هوندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصل ڪريم ڪنڊي گورنر لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
ان کان اڳ پنجاب ۾ گورنر جي عهدي لاءِ امڪاني نالا سامهون آيا هئا.
ذريعن موجب، پنجاب جي گورنر لاءِ مخدوم احمد محمود، قمر زمان ڪائرا ۽ نديم افضل چن جا نالا غور هيٺ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مخدوم احمد محمود پارٽي قيادت جي پهرين ترجيح هوندو ۽ هو ن ليگ لاءِ به قابل قبول هوندو.
Prev Post
You might also like