44 سيڪڙو پاڪستاني پنهنجي مالي حالت سبب پريشان آهن: سروي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) هڪ سروي رپورٽ موجب 44 سيڪڙو پاڪستاني پنهنجي مالي حالت سبب پريشان آهن.
ان ڳالهه جو انڪشاف مشهور اداري گليپ پاڪستان جي نئين سروي ۾ ٿيو آهي.
گليپ پاڪستان جي سروي موجب، 44 سيڪڙو پاڪستانين چيو ته هو پنهنجي مالي حالت سبب پريشان آهن،
سندن چوڻ هوته جيڪڏهن گذريل ڏهن سالن جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته هو مالي طور وڌيڪ ڪمزور ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.