ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪرينا ڪپور جي پنهنجي اڳوڻي بوائي فرينڊ اداڪار شاهد ڪپور کي نظر انداز ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب 20 فيبروري تي ممبئي ۾ دادا صاحب ڦالڪي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ايوارڊز جي تقريب ٿي جنهن جي ريڊ ڪارپيٽ تي ڪرينا ڪپور ۽ شاهد ڪپور ڪيترن ئي سالن بعد آمهون سامهون ٿيا، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل به ٿي وئي آهي.
ان وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بالي ووڊ جي ”بيبو“ ڪرينا پنهنجي اڳوڻي دوست شاهد ڪپور کي ڏسي اڻڏٺو ڪري ڇڏيو آهي.
وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪرينا ڪپور جي سامهون بيٺل شاهد ڪپور کي اڻڏٺو ڪري ٻين سان ڳالهه ٻولهه ڪري هلي وئي.