سينيٽ چيئرمين لاءِ يوسف رضا گيلاني مضبوط اميدوار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ قيادت سينيٽ چيئرمين جي نامزدگي لاءِ مشاورت شروع ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي لاءِ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ معاملا طئي ٿيا هئا.
ذريعن موجب، سينيٽ چيئرمين پ پ ۽ ڊپٽي چيئرمين ن ليگ جو هوندو، جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ن ليگ ۽ ڊپٽي اسپير پ پ جو هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ ن ليگ ۽ پ پ جي گڏيل حڪومت هوندي، جڏهن ته وڏو وزير پ پ جو هوندو.
ذريعن موجب، سينيٽ چيئرمين لاءِ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني مضبوط اميدوار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.