بلوچستان ۾ حڪومت سازي بابت ن ليگ ۽ جَي يو آءِ ۾ مشاورت، اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان ۾ حڪومت سازي تي مشاورت بابت ن ليگ ۽ جي يو آءِ وفد جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ٻنهي جماعتن جي وفدن وچ ۾ ملاقات دوران بلوچستان ۾ حڪومت سازي تي صلاح مشورو ڪيو ويو .
جَي يو آءِ جي سيڪريٽري عبدالغور حيدري جو چوڻ هو ته جي يو آءِ ۽ نون ليگ گهٽ ۾ گهٽ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهي سگهن ٿيون.
ان تي ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار چيو ته اسان چاهيون پيا ته گڏجي ڪم ڪيون پر اوهان گهڻي دير ڪري ڇڏي، گذريل چئن ڏينهن کان اوهان رابطو ڪري رهيا هئاسين پر رابطو نه ٿيو.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته هاڻي پيپلز پارٽي سان معاهدو ڪري ورتو آهي،ن ليگ بلوچستان ۾ پ پ سان گڏجي حڪومت ٺاهيندي.
اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ اسان جو پراڻو ساٿ آهي، اسان سرد موسم ۾ گڏ هليا آهيون، جي يو آءِ جي آڇ بابت اعليٰ قيادت کي آگاهه ڪيو ويندو، ڇو ته ان معاملي تي اعليٰ قيادت ئي ڪو يصلو ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.