لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ طرفان پنجاب جي نامزد وزير اعليٰ مريم نواز چيو آهي ته ڏڦيڙ ختم ڪري ملڪ کي استحڪام ڏانهن وٺي وڃڻ چاهيون ٿا.
پنجاب اسيمبلي جا وڌيڪ ٻه نوان چونڊ آزاد ميمبر ن ليگ ۾ شامل ٿي ويا، پي پي 180 قصور، پي پي 128 جهنگ جا ميمبر ن ليگ ۾ شامل ٿيا.
ڪامياب آزاد ميمبرن احسن رضا ۽ غضنفر قريشي چيو ته اسان تڪ جي عوام ۽ سپورٽرن جي مشاورت سان ن ليگ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو آهي.
مريم نواز کين مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان جي حمايت ملڪ کي تباهي کان ترقي جي رستي تي آڻيندي، اسان ڏڦيڙ ختم ڪري ملڪ کي استحڪام ڏانهن آڻڻ چاهيون ٿا.
You might also like