اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر لياقت چٺا جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ مڪمل ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏو انڪشاف سامهون آيو آهي.
واضح رهي ته لياقت چٺا الزام هنيو هو ته چونڊ نتيجن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي آهي، مان راولپنڊي ڊويزن ۾ چونڊ ڌانڌلي جي ذميواري قبول ڪيان ٿو ۽ پنهنجي پاڻ کي پوليس حوالي ڪيان ٿو.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر لياقت چٺا جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ان حوالي سان رپورٽ جلد منظر تي ايندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اها راند ۾ اهم سياسي اڳواڻن جو هٿ آهي، بئريسٽر گوهر ۽ شعيب شاهين لياقت چٺا جي ان پريس ڪانفرنس جا ماسٽر مائينڊ نڪتا آهن.
ذريعن موجب ڪمشنر جي پريس ڪانفرنس کي رياست 9 مئي کانپوءِ رياست تي هڪ ٻيو حملو قرار ڏنو آهي.
راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر پريس ڪانفرنس ۾ اهو به چيو هو ته مان چونڊون شفاف نه ڪرائي سگهيس، تنهن ڪري عهدي تان استعيفيٰ ٿو ڏيان، نتيجن جي تبديلي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر به ملوث آهي.
You might also like