پي ايس ايل: ملتان سلطانز هٿان اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ميچ ۾ ملتان سلطانز، اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ملتان ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 144 رنسن تي ڍير ٿي وئي، آغا سلمان 52 ۽ جارڊن ڪوڪس 41 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.
ملتان جي محمد علي ۽ عباس آفريدي 3-3، اسامه مير 2 ۽ ڊيوڊ ويلي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
جواب ۾ ملتان سلطانز گهربل هدف هڪ بال اڳ ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
فاتح ٽيم طرفان ريزا هينڊرڪس 58 ۽ ڪپتان محمد رضوان 43 رنسن جي اننگز کيڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.