ڪڻڪ يا جو جو ڪڇُ کائڻ ٻار پيدا ڪرڻ واري صلاحيت لاءِ نقصانڪار قرار

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هڪ تحقيق دوران ڪڻڪ ۽ جو جي ڪڇ ۾ 80 سيڪڙو خطرناڪ ڪيميڪل ڏٺو ويو جيڪو ٻار پيدا ڪرڻ واري نظام کي خراب نموني متاثر ڪندو آهي ۽ مرداڻي قوت ختم ڪندو آهي.

سائنسدانن چيو آهي ته ڪلورميڪوائيٽ هڪ اهڙو جيت مار ڪيميڪل آهي جيڪو آمريڪا ۾ درآمد ٿيندڙ جو، ڪڻڪ ۽ ٻين جنسن ۾ هوندو آهي ۽ آمريڪا ۾ ان جي استعمال جي اجازت به آهي پر اهو انسانن ۽ جانورن ٻنهي جي ٻار پيدا ڪرڻ واري سگهه متاثر ڪري رهيو آهي.

ماهرن چيو آهي ته جيستائين ريگيوليٽري اپاءَ نه ورتا وڃن تيستائين ڪلوروميڪوائيٽ ۽ گلائيفوسيٽ جهڙي هاڃيڪار جيت مار دوائن کانسواءِ پوکيل شين جو استعمال ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.