ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ بالي ووڊ اداڪار انوشڪا شرما گهر ٻئي ٻار جي پيدائش ٿي آهي.
ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما وٽ ڪجهه ڏينهن پٽ جي پيدائش ٿي، جنهن تصديق اڄ جوڙي طرفان سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي ڪئي وئي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Virat Kohli (@virat.kohli)


ڪوهلي ۽ انوشڪا پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته هو انتهائي خوشي وچان ان ڳالهه جو اعلان ڪري رهيا آهيون ته 15 فيبروري تي اسان جي گهر پٽ جي پيدائش ٿي هئي. جنهن جو نالو اي ڪي( Akaay ) رکيو ويو آهي.
پوسٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته هو سموري دنيا ۾ موجود پنهنجي چاهيندڙن مان نيڪ خواهشن جي اميد رکن ٿا ۽ گڏوگڏ سندن پرائيويسي جو خيال پڻ رکڻ گهرجي.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جي شادي ڊسمبر 2017ع ۾ اٽلي جي شهر ميلان ۾ ٿي هئي، جوڙي کي هڪ نياڻي جو اولاد پڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.