خيرپور ۾ اعليٰ نسل جو روسي ڪتو مارڻ تي ڪيس داخل

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ ڪتي کي ماريندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي ۾ روسي اعليٰ نسل جي ڪتي کي گوليون هڻي مارڻ جي ڏوهه ۾ ٻن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
حسنين حيدر جي درخواست تي زاهد گوپانگ سميت ٻن ڄڻن کي ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
درخواستگذار حسنين حيدر پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ٻئي جوابدار اسان جي گهر ۾ گهڙي ڪتو ڪاهي ويا ۽ ان کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو.
ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ پوليس نامزد جوابدار زاهد گوپانگ ۽ ٻئي جوابدار جي گرفتاري جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.