واٽس ايپ واهپيدارن جي وڏي مشڪل حل ڪري ڇڏي

ميٽا جي ملڪيت هيٺ دنيا جي مشهور ترين ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي واهپيدارن جي وڏي مشڪل آسان ڪري ڇڏي.

رپورٽس موجب واٽس ايپ تي ڪنهن به اڪائونٽ کي بلاڪ ڪرڻ جو آپشن ته موجود هيو پر ان لاءِ ميسيج کولي ۽ پوءِ واهپيدار جي اڪائونٽ تي وڃڻو پوندو هو. جڏهن ته هن نئين فيچر کانپوءِ ميسيج کولڻ ۽ ماڻهو جي اڪائونٽ تي وڃڻ کانسواءِ کيس بلاڪ ڪري سگهجي ٿو.

هن نئين فيچر سان واٽس ايپ جا واهپيدار هاڻي لاڪ اسڪرين تي ئي اسپام مواد موڪلڻ واري واهيپدار کي بلاڪ ڪري سگهن ٿا. ان کانسواءِ واٽس ايپ طرفان سپيمنگ ڪرڻ واري نمبر کي رپورٽ ڪرڻ جو آپشن به موجود آهي.

هن نئين فيچر کانپوءِ لاڪ اسڪرين تي واٽس ايپ ميسيج تي ريپلاءِ بٽڻ سان گڏ بلاڪ جي بٽڻ به ظاهر ٿيندو آهي جنهن تي هڪ ڪلڪ ڪرڻ سان ان اڪائونٽ يا نمبر کي بلاڪ ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.