ڪراچي: فليٽ ۾ گئس پريشر سان خوفناڪ ڌماڪو، 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪريم آباد ۾ هڪ فليٽ ۾ گئس پريشر سان زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ ڀرپاسي ۾ موجود فليٽن کي به نقصان پهتو.
ڪريم آباد بلاڪ ٿري ۾ موجود فليٽ ۾ گئس پريشر سان زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ گهر جي هڪ ڀت به ڪِري پئي.
پوليس ٻڌايو ته ڀت ڪرڻ سان 50 ورهين جو عرفان ۽ سندس ٻه پٽ 16 ورهين جو عبيد ۽ 18 ورهين جو سمير زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي رپورٽ موجب هڪ ڪمري جي پورشن ۾ پلاسٽڪ جا پائيپ لڳل هئا، پائيپ ۾ گئس ليڪ ٿي رهي هئي ۽ ڀرسان موبائل فون چارجنگ تي لڳل هئا، جڏهن ته ڪمري ۾ گئس ڀريل هئي.
بم ڊسپوزل اسڪواڊ ٻڌايو ته پلڪ مان اسپارڪنگ ٿي، جنهن سبب ڌماڪو ٿيو، فليٽ جي فرنٽ جي ڀت نڪري وئي، جڏهن ته ڀرپاسي جي فليٽن کي به نقصان پهتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.