جوڙو شادي جو فوٽو شوٽ ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهچي ويو

پنجاب پوليس جي ٿاڻي جي خوبصورتي شادي شدهه جوڙي کي ٿاڻي تي وٺي آئي، تازو پرڻيل جوڙو شادي جي فوٽو شوٽ لاءِ ٿاڻي تي پهچي ويو.

اڪثر پنجاب پوليس بابت ناڪاري خبدرون ته گھڻيون ٻڌيون آهن، پر پنجاب پوليس هن ڀيري دلچسپ سبب جي ڪري ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.

پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه جي هڪ ٿاڻي ۾ شادي شدهه جوڙو ان اهم ڏينهن کي تصويرن ۾ قيد ڪرڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتو ته ٿاڻي جي عملي به سندن آجيان ڪئي.

 

گھوٽ ۽ ڪنوار پاران پنهنجي وڊيو بيان ۾ ٿاڻي جي خوبصورتي جي تعريف ۾ چيو ته هتي بهترين ماحول فراهم ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس جي سٺي رويي ٻنهي کي متاثر ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.