هوائي جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ مسافرن کي تورڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فن لينڊ سان واسطو رکندڙ هڪ ايئرلائن فن ايئر جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ مسافرن جو وزن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

فن ايئر هيلسنڪي هوائي اڏي تي هڪ پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي جنهن ۾ مسافر پنهنجي اڏام ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ رضاڪاراڻي طور تي وزن ڪرائڻ جي عمل مان گذرندا ته جيئن ايئرلائن پنهنجي مسافرن لاءِ هدايتن کي بهتر بڻائي سگهي.

مسافرن کي سامان سان گڏ توريو ويندو.

هن پراجيڪٽ جي شروعات سومر کان ٿي آهي ۽ خميس تائين 800 ڄڻا ان ۾ حصو وٺي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.