سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سني اتحاد ڪائونسل اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پنهنجي حمايت يافته اميدوارن جي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جا پارٽي سرٽيفڪيٽ به اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ حمايت يافته آزاد ميمبرن طرفان قومي اسيمبلي جي 50 ميمبرن جا پارٽي سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايا ويا آهن.
اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين صاحبزادا حامد رضا چيو ته تحريڪ انصاف سان اتحاد نئون ناهي، 6 سالن کان هلي رهيو آهي، عوام مينڊيٽ ڏنو آهي، توهين ٿيڻ نه ڏينداسين، 16 فيبروري تي جن آزاد ميمبرن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو، انهن جا حلفي بيان جمع ڪرائي رهيا آهيون.
هن چيو ته عورتن جي مخصوص سيٽن جو معاملو ڏسي رهيا آهيون، جيئن جيئن نوٽيفڪيشن ايندا حلفي بيان جمع ڪرائيندا رهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.