پاسپورٽ ٺهرائيندڙن لاءِ بُري خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاسپورٽ ٺهرائيندڙن جي غير معمولي قطارون سبب سڄي ملڪ ۾ پاسپورٽ ۾ دير جو وقت 3 مهينن تائين پهچي ويو.
ذريعن موجب ڪراچي سوڌو ملڪ جي ٻين شهرن ۾ شهرين کي هڪ ڀيرو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي وقت لاءِ ڊگھو انتظار ڪرڻو پئجي رهيو آهي.
نارمل پاسپورٽ ڊليوري 20 ڏينهن بدران 3 مهينن کان وڌيڪ، ارجنٽ پاسپورٽ سان ڏيڍ مهينو ۽ فاسٽ ٽريڪ ذريعي پاسپورٽ ڊليوري به 20 ڏينهن ۾ ڪئي پئي وڃي.
غير معمولي دير سبب عمرو زائرين، نوڪري ۽ پرڏيهه تعليم لاءِ ويندڙ شاگرد ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پاسپورٽ ڊليور ۾ دير جو سبب پاسپورٽ ٺهرائيندڙن جي انگ ۾ غير معمولي واڌ ٻڌائي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.